بالي ووڊ سُندري ڪيارا سنڌي کاڌن جي شوقين نڪري پئي

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا ڪيارا آڏواڻي ماءُ جي هٿ جي ٺهيل ڊش جي وڊيو جاري ڪري سڀني جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي

ڪيترين ئي سپر هٽ فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪارا ڪيارا آڏواڻي فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي دلڪش اسٽوري جاري ڪئي آهي جيڪا مختصر وقت ۾ سڀني ۾ مقبول ٿي آهي

ڄاڻايل اسٽوري ۾ اداڪارا پنهنجي ماءُ جي هٿن سان ٺهيل سنڌي ڊش پنهنجي مداحن سان شيئر ڪئي جنهن ۾ چانور، سنڌي ڪڙهائي، پٽاٽا ۽ فراءِ ڀنڊي شامل هئي

روايتي سنڌي کاڌن جي شوقين ستيا پريم ڪي ڪٿا جي اداڪارا وڊيو سان ان وقت کي سڪون ڏيندڙ قرار ڏيندي لکيو ته ڪڏهن ڪڏهن اوهان کي گهر تي ماءُ سان گڏ کائڻ جي ضرورت آهي. هن دل وارو ايموجي به لکيو. ياد رهي ته ڪيارا آڏواڻي سنڌياڻي آهي ۽ هن سڌارٿ ملهورتا سان شادي ڪئي آهي

Read Previous

ٽڪ ٽاڪر صندل سان سعودي ۾ فراڊ، ويزا رد ڪرڻ جي ڌمڪي

Read Next

ڪراچي جا ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جيز بي اختيار: ايس ايچ اوز بدلي جا اختيار به ايڊيشنل آءِ جي حوالي

Most Popular