قسمت تبديل ڪرڻي آهي ته مونکي موقعو ڏيو: بلاول

اپر دير: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لاهور جي سياستدانن جو مسئلو اِهو آهي ته “نه کيڏبو نه کيڏڻ ڏبو” خبر ناهي ته اسان جي بزرگ سياستدانن جا ارادا ڪهڙا آهن؟

بلاول چيو ته اسٽيبلشمينٽ چيو ته اسان ماضي ۾ سياست ۾ مداخلت ڪئي پر اڳتي نه ڪنداسين، اسان اِن اعلان جي آجيان ڪئي

پ پ چيئرمين چيو ته بينظير ڀٽو ٻن آمرن سان مهاڏو اٽڪايو، عوامي طاقت ذريعي آمرن کي عبرتناڪ شڪست به ڏني

بلاول چيو ته عوام مونکي ووٽ ڏئي، خيبرپختونخواهه ۽ پاڪستان جي قسمت تبديل ڪري ڇڏيندس

بلاول اعلان ڪيو ته بينظير مزدور ڪارڊ خيبرپختونخواهه ۾ به آڻينداسين، مزدورن کي ڪارڊ ذريعي سوشل سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين

پ پ چيئرمين چيو ته عوام پي ٽي آءِ جو اصل چهرو ڏسي وٺو، هي تباهي کانسواءِ ڪجهه ناهي، تبديلي جو نعرو هڻندڙن تباهي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو

بلاول چيو ته سياسي مخالف 18 هين ترميم ختم ڪرڻ چاهين ٿا، اين ايف سي ايوارڊ ختم ڪرڻ چاهين ٿا، هو چاهين ٿا ته صوبن جو پئسو اسلام آباد تي خرچ ڪجي

Read Previous

غزه جي اسپتالن ۽ ڪيمپن تي اسرائيلي حملا جاري، شهيدن جو انگ 11 هزار کان وڌي ويو

Read Next

رضا رباني، صدر عارف علوي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular