فورسز تي حملن ۾ امريڪي هٿيار استعمال ٿيڻ جو انڪشاف، واشنگٽن جي وضاحت

امريڪا چيو آهي ته پاڪستاني فورسز تي حملن کان آگاهه آهيون، اسان افغانستان ۾ ڪو به سامان ناهي ڇڏيو

واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران امريڪي نائب پرڏيهي ترجمان ويدانت پٽيل چيو ته هلندڙ مهيني پاڪستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ تنصيبات تي حملن جي اطلاعن کان آگاهه آهيون، جنهن تي متاثرن سان افسوس جو اظهار ڪريون ٿا

هن چيو ته ميانوالي ايئر بيس حملي دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان امريڪي ساخت  جا هٿيار ملڻ جو انڪشاف ٿيڻ تي امريڪي نائب پرڏيهي ترجمان چيو ته واضح ڪرڻ گهرون ٿا ته افغانستان مان نڪرڻ دوران  امريڪي فوج ڪو به سامان پوئتي نه ڇڏيو هو

هن چيو ته قانون جي حڪمراني، منشيات روڪٿام جي ڪوششن ۽ سڪيورٽي سميت ٻين شعبن ۾ 40 سالن  کان  پاڪستان سان شراڪت داري ڪئي آهي ۽ پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا

غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي تي امريڪي نائب ترجمان چيو ته پاڪستان سميت افغانستان جا پاڙيسري ملڪ افغانين کي داخلا جي اجازت ڏين ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن سان سهڪار ڪن

Read Previous

نواز ۽ بلاول گڏجي حڪومت ٺاهيندا، اليڪشن وقت عمران کي آزاد ڪيو وڃي: مخدوم جميل الزمان

Read Next

آءِ ايم ايف پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ گهٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو: مهانگائي جو طوفان به تيار

Most Popular