گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

نيويارڪ: (اربع: 13 ڊسمبر 2023ع) آمريڪا جي مخالفت باوجود گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. عالمي اداري جي جنرل اسيمبلي جنگبندي واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏني. 153 ملڪن قرارداد جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ غزه ۾ فوري جنگبندي جي قرارداد ڳري اڪثريت سان منظور ڪئي وئي. قرارداد جي حق ۾ 153 ووٽ پيا.  جڏهن ته 10 ملڪن قرارداد جي مخالفت ڪئي. 23 ملڪن ووٽنگ جي عمل ۾ حصو نه ورتو. آمريڪا اسرائيل، آسٽريا ۽ پيراگوءِ سميت 10 ملڪن ٺهراءُ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، برطانيا، اٽلي، جرمني، هالينڊ ۽ يوڪرين سميت 23 ملڪ ووٽنگ دوران غير حاضر رهيا.

غزه ۾ 7 آڪٽوبر کان پوءِ هينئر تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 18 هزار کان مٿي ٿي چڪو آهي. شهيدن ۾ گهڻو انگ ٻارن ۽ عورتن جو آهي. قرارداد ۾ جنگبندي کان علاوه يرغمال ماڻهن کي غير مشروط آزاد ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.

جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران غزه ۾ جنگبندي بابت قرارداد جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيندڙ ملڪن ۾ آمريڪا، اسرائيل کان علاوه چيڪ ريپبلڪ، آسٽريا، پيراگوئي، پاپوانيوگيني، لائيبريا ۽ مائيڪرونيشيا سميت نئورو جهڙا ملڪ شامل آهن.

ڏٺو وڃي ته اها غير لازمي قرارداد آهي جنهن تي اسرائيل عمل ڪرڻ جو پابند نه آهي پر ان سان اها ضرور خبر پوي ٿي ته هن وقت عالمي برادري جي ڪهڙي سوچ رهي آهي. اها قرارداد اهڙي موقعي تي پاس ٿي آهي جڏهن اسرائيل تي غزه ۾ ڪيترن مهينن کان جاري بمباري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عالمي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.

ٻئي پاسي آمريڪي صدر جوبائيڊن پهريون ڀيرو اسرائيل خلاف سخت بيان ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل غزه تي لاڳيتي بمباري سبب عالمي حمايت وڃائي رهيو آهي.

Read Previous

نقيب الله قتل ڪيس، رائو انوار سميت ٻين جوابدارن جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ منظور

Read Next

آئين ٽُٽي ٿو ته ججز هار پارائيندا آهن، 75سالن کان اِهو تماشو ڏسي رهيا آهيون: نواز شريف

Most Popular