حيدرآباد (راسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ گهر جي ڇت ڪِرڻ سبب ٻارڙن سميت 3ڄڻا فوت ٿي ويا، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا
قاسم آباد جي وحدت ڪالوني ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، ٻارڙن سميت 3ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا،2 ڄڻا زخمي ٿي پيا
قاسم سومرو جي گهر جي ڇِت ڪِرڻ بعد ريسڪيو ٽيم پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍي ورتو
پوليس موجب فوتين ۾ معصوم ٻارڙو همدان،10سالن جو محمد ڪيف ۽ 20 ورهين جو شائز سومرو آهن
زخمين ۾ عبدالباسط ۽ نينگري مقدس شامل آهن، کين علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو
ان سلسلي ۾ زخمين جو چوڻ آهي ته مرمتي ڪم دوران گهر جي ڇِت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هي وڏو نقصان ٿيو آهي