ڪو ته اهڙو هجي منهنجا ڳوڙها اُگهي: شاعر سائينداد ساند جي طبيعت خراب، اسپتال داخل

ڪراچي (رپورٽر) “ڪو ته اهڙو هجي منهنجا ڳوڙها اُگهي”، جھڙا ٻول لکندڙ شاعر سائينداد ساند جي طبيعت خراب هجڻ ڪري هُن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي

ٿر واسي پروفيسر سائينداد ساند کي آنڊي جي تڪليف سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو

ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل ڏينهن آنڊي جي آپريشن بعد سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي، سائينداد ساند ھن وقت وينٽي ليٽر تي آھي

ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ چئن ڏينهن کان داخل پروفيسر سائينداد ساند جي ثقافت کاتي سار نه لڌي

Read Previous

اليڪشن جي موقعي تي موبائيل فون يا انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ٿيو: وفاقي سرڪار

Read Next

حيدرآباد: گهر جي ڇت ڪِرڻ سبب ٻارڙن سميت 3ڄڻا فوت، 2 زخمي

Most Popular