اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ 2ڌماڪا، 27 ڄڻا مارجي ويا، 40کان وڌيڪ زخمي

اليڪشن کان هڪ ڏينهن بلوچستان جي پشين ۽ قلعه سيف الله ۾ زوردار ڌماڪا ٿيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 27 ڄڻا مارجي ويا، 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن

پشين جي علائقي خانوزئي ۾ آزاد اميدوار اسفنديار ڪاڪڙ جي آفيس آڏو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 زخمي ٿي پيا آهن

پشين کانپوءِ قلعه سيف الله ۾ جي يو آءِ ف جي آفيس آڏو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا

حملي ۾ جي يو آءِ جو اميدوار عبدالواسع محفوظ رهيو، اليڪشن ڪميشن ڌماڪن جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

اليڪشن ڪميشن واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي

Read Previous

حيدرآباد: گهر جي ڇت ڪِرڻ سبب ٻارڙن سميت 3ڄڻا فوت، 2 زخمي

Read Next

سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس منيب اختر مراد علي شاهه توهين عدالت جي ڪارروائي هلائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

Most Popular