عمران خان علي امين گنڊاپور کي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو

راولپنڊي:(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان علي امين گنڊا پور کي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو.

اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي عمران خان چيو ته مسلم ليگ(ن)، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سان ڪوبه اتحاد نه ٿيندو. ان کان علاوه سمورين پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

عمران خان چيو ته جن کي وٺي آيا آهن اهي سڀني کان وڏا مني لانڊر آهن. چونڊن سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو آهي پر 8 فيبروري جي چونڊن دوران ٿيل ڌانڌلي سان ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام ايندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور هوندو. ياد رهي ته علي امين گنڊاپور 8 فيبروري جي عام چونڊن ۾ اين اي 4 تان 93.443 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو هن جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي شڪست ڏني هئي.

Read Previous

پ پ وزيراعظم لاءِ(ن) ليگ اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪيترائي پراڻا سياسي رانديگر پهريون ڀيرو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر چونڊجي ويا

Most Popular