پ پ وزيراعظم لاءِ(ن) ليگ اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي پارٽي وفاقي حڪومت ۾ عهدا وٺڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي.

زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي(سي اي سي) جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته حڪومت ۾ عهدو وٺڻ ۾ دلچسپي نٿا رکون، وزيراعظم پ پ جو نه هوندو.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو اصولي فيصلو آهي ته پاڪستان کي مستحڪم ڪريون، پ پ وٽ وفاقي حڪومت ٺاهڻ جو مينڊيٽ نه آهي. پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن. بلاول چيو ته اسان هن وقت سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آهيون. ملڪ ۾ سياسي استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙينداسين جيڪا ٻين سياسي پارٽين سان رابطا ڪندي.

پ پ چيئرمين چيو ته ڪنهن به پارٽي وٽ واضح مينڊيٽ نه آهي. مسلم ليگ(ن) يا پ پ اڪيلي سر حڪومت نٿي ٺاهي سگهي. جيڪڏهن ٻيهر چونڊون ٿيون ته ڪابه سياسي پارٽي نتيجا قبول نه ڪندي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ اڄ به سياسي فيصلا نه ڪري رهي آهي. پاڪستان جي عوام پيپلز پارٽي طرف ڏسي ٿي، آئيني عهدا وٺڻ اسان جو حق آهي. صدر، سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر جي لاءِ پيپلز پارٽي پنهنجا اميدوار بيهاريندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي والد آصف زرداري جي خواهش آهي ته اهو صدر بڻجي.

Read Previous

سنڌ اسيمبلي جي 130 تڪن مان 84 تي پيپلز پارٽي ڪامياب، ايم ڪيو ايم 28 ۽ 14 سيٽون آزاد اميدوار کٽي ويا

Read Next

عمران خان علي امين گنڊاپور کي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو

Most Popular