مراد علي شاهه کي ٽيهر سنڌ جو وڏو وزير بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهرو سيد مراد علي شاھ کي وزيراعليٰ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته پيپلز پارٽي پاران سنڌ ۾ وڏي وزير جي مقرري واري معاملي تي سيد مراد علي شاھ کي هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعليٰ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ذريعن موجب ته پيپلز پارٽي جي قيادت پاران ڪجهه ڏينهن ۾ ئي مراد علي شاھ کي وزيراعليٰ مقرر ڪرڻ بابت اعلان پڻ ڪيو ويندو. ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي قيادت پاران سنڌ سيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن کي ڪراچي پهچڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي  آهي

Read Previous

پي ٽي آءِ وارا سياسي مفاد لاءِ ملڪ کي بدنام پيا ڪن: مريم اورنگزيب

Read Next

نگران وزيراعظم ٽيون ڀيرو به پيش نه ٿيو ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Most Popular