شهباز شريف وزيراعظم ۽ آصف علي زرداري صدر هوندو، پ پ وزارتون نه وٺندي

قومي اسيمبلي جو اسپيڪر نواز ليگ جو ۽ ڊپٽي اسپيڪر پيپلزپارٽي جو هوندو، سينيٽ جو چيئرمين پيپلزپارٽي جو ۽ ڊپٽي چيئرمين نواز ليگ جو هوندو

پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پيپلزپارٽي وفاقي ڪابينا جو حصو نه بڻجڻ واري موقف تي قائم آهي

هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ گورنر پيپلزپارٽي جا هوندا، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نواز ليگ جا گورنر لڳايا ويندا، پيپلزپارٽي في الحال وفاقي ڪابينا جو حصو نه بڻجندي

وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ وزيراعظم شهباز شريف جي صوابديد تي هوندي، پيپلزپارٽي وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ووٽ، اعتماد جو ووٽ ۽ اسپيڪر جو ووٽ ڏيندي، حڪومت جي قانونسازي ۾ حمايت ڪنداسين

Read Previous

پنجاب ۾ ن ليگ جي لاءِ اليڪشن ڏکي هئي. پر پنجاب جي عوام ن ليگ کي واضح مينڊيٽ ڏنو: مريم نواز

Read Next

پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي طلب، نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا

Most Popular