خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو: اجلاس ۾ سخت بدنظمي

پشاور: (اربع: 28 فيبروري 2024ع)   خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي، اسپيڪر مشتاق غني نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو.

خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ سخت بدنظمي نظر آئي. گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو اسيمبلي جي گيلري ۾ پهچي ويا. مسلم ليگ(ن) جي عورت ميمبر ثوبيه شاهد تي لوٽا، بوتلون ۽ ٻيو سامان اڇلايو ويو.

مسلم ليگ(ن) جي ميمبر ثوبيه شاهد ايوان ۾ بيهي هٿ ۾ ٻڌل گهڙي ڏيکاري رهي هئي ته اسيمبلي ۾ موجود پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سندس مٿان خالي بوتل، جوتا، بال پين ۽ لوٽا اڇلايا پر ثوبيه جاويد لاڳيتو گهڙي ڏيکاريندي رهي. ان دوران اسيمبلي ۾ موجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي.

ڪي پي ڪي جو نامزد وڏو  وزير علي امين گنڊا پور عمران خان جي تصوير سان گڏ ايوان ۾ پهتو. عمران خان ڪي پي ڪي اسيمبلي جي لاءِ بابر سليم سواتي کي نامزد ڪري ڇڏيو. اسد قيصر جي ڀاءُ کي نامزد نه ڪيو ويو. ذريعن موجب اسد قيصر پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ عمران خان کان منظوري ورتي هئي.

اڄوڪي اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه اسميبلي جي 115 ميمبرن حلف کنيو. ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ پولنگ سڀاڻي ٿيندي. نئين چوڻڊيل اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

Read Previous

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

لانگ مارچ، ڀڃ ڊاهه ڪيس: عمران خان سميت فيصل جاويد ۽ اسد عمر بري

Most Popular