پاڪستاني اختيارين بجلي ۽ گيس جون قيمتون وقت تي وڌائڻ جو واعدو ڪيو آهي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد: (اربع: 20 مارچ 2024ع) عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي کان پوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته پاڪستاني اختيارين بجلي ۽ گيس جون قيمتون وقت تي وڌائڻ جو واعدو ڪيو آهي.

آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي معاشي ۽ مالي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. بهتر پاليسي مينجمينٽ سبب معاشي گروٿ ۽ اعتماد بحال ٿيو آهي. اميد آهي ته پرائمري بيلنس 401 ارب روپين تائين رهندو ۽ اميد آهي ته پرائمري بيلنس معيشت جو 0.4 سيڪڙو رهندو.

آءِ ايم ايف پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هن سال ترقي معمولي رهڻ جي اميد ۽ مٽاسٽا حدف کان ڪافي وڌيڪ آهي. اقتصادي ڪمزورين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جاري پاليسي ۽ اصلاحات جي ضرورت آهي.

پڌرائي موجب پاڪستاني اختيارين ٽيڪس بيس ۾ اضافي تي ڪاربند آهن ۽ پاڪستاني اختيارين بجلي ۽ گيس جون قيمتون وقت تي وڌائڻ جو واعدو ڪيو آهي. توانائي جون قيمتون وڌائي گردشي قرض ۾ اضافو روڪڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.

پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مهانگائي ۾ ڪمي جي لاءِ اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح برقرار رکڻ جو چيو ويو آهي جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ غير ملڪي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ شفافيت رکندو.

Read Previous

ڪرمپور ڀرسان قتل ٿيل استاد الهرکيو نندواڻي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

Read Next

ڇوڪري جو ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ پنهنجي اغوا جو ڊرامو، والد کان 30 لک ڀنگ طلب

Most Popular