اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ پاڪستان وچ ۾ 20 ڪروڙ ڊالرن جي قرض جو معاهدو

اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ پاڪستان وچ ۾ 20 ڪروڙ ڊالرن جي قرض جو معاهدو ٿي ويو

اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي اعلان موجب اسلامي ترقياتي بئنڪ جو وفد 22 کان 24 مارچ تائين پاڪستان جي دوري تي آهي، اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ۽ آءِ ايس ڊي بي جي ڊائريڪٽر معاهدي تي صحيحون ڪيون

بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها رقم ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي، گهرن جي تعمير، صاف پاڻي، صفائي جي سهولتن تي خرچ ڪئي ويندي

اقتصادي معاملن واري ڊويزن موجب ان رقم سان 13 لک ماڻهن جون حالتون بهتر ٿينديون

بيان ۾ چيو ويو ته اقتصادي معاملن واري مملڪتي وزير احد خان چيما وفد جو استقبال ڪيو، اقتصادي معاملن واري وزير اسلامي ترقياتي بئنڪ جي 4.2 بلين ڊالر ڏيڻ جي عزم کي ساراهيو

اعلان موجب اسلامي ترقياتي بئنڪ 2022ع ۾ 4.2 بلين ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو

Read Previous

يوم پاڪستان جي موقعي تي اسلام آباد جي شڪر پڙيان گرائونڊ تي هٿياربند فوجن جي گڏيل پريڊ

Read Next

پنجاب جي گهرو سيڪريٽري نورالامين خلاف سندس ٻئي گهر واري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

Most Popular