9 مئي سانحي کان پوءِ روپوش حماد اظهر سامهون اچي ويو

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) 9 مئي سانحي کان پوءِ روپوش ٿيندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جو اڳواڻ حماد اظهر سامهون اچي ويو آهي.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ابراهيم خان حماد اظهر جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن جي لاءِ حماد اظهر عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت 51 ڪيسن ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جي راهداري ضمانت منظور ڪري ورتي.

عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر چيو ته روپوشي دوران ملڪ ۾ ئي هئس. گذريل 8 مهينن کان ملڪ جي قانون جو مذاق بنايو ويو. منهنجي مٿان هڪ ئي وقت ۾ 51 ڪيس ٺاهيا ويا.

حماد اظهر وڌيڪ چيو ته عدليه، جمهوريت ۽ انسانيت ڪنهن جو لحاظ نه ڪيو ويو. هڪ پارٽي وڏي اڪثريت سان کٽي رهي هئي پر ان کي شڪست ڏني وئي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران پريس ڪانفرنس ڪري سمورا تفصيل بيان ڪندس.

Read Previous

سينيٽ جي 30 سيٽن تي پولنگ جاري, خيبرپختونخواهه ۾ چونڊو ملتوي ڪرڻ جي درخواست

Read Next

حافظ نعيم جي پي ايس 129 تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري

Most Popular