نگران حڪومت سنڌ ۾ بدامني جي ذميوار قرار: 3 ضلعن ۾ مسئلو آهي، خبر ناهي ڌاڙيلن وٽ فوجي هٿيار ڪيئن ٿا پهچن؟ مراد شاهه

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ڪشمور، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعن ۾ بدامني جو وڌيڪ مسئلو آهي، وڏي وزير غوثپور ۾ سندراڻي هائوس پهچي ايم پي اي عابد سندراڻي سان سندس گهر واري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي

تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ٽن ضلعن ۾ بدامني جو وڌيڪ مسئلو آهي، پوليس ۽ رينجرز جو ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن هلندڙ آهي، آءِ جي سنڌ کي ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن، سنڌ جون حالتون نگران حڪومت ۾ خراب  ٿيون

پوليس کي ملٽري گريڊ هٿيار ڏيارينداسين، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڌاڙيلن وٽ ملٽري طرز جا هٿيار ڪيئن پهچي رهيا آهن؟ پوليس، رينجرز ۽ فوج جي مدد سان سنڌ ۾ جلد امن قائم ڪنداسين، ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪرڻ بابت وفاق سان به رابطو ٿيو آھي، ڌاڙيلن وٽ جيڪي ھيوي ھٿيار آھن اھي سنڌ ۾ نٿا ٺھن اھي ٻاھران کان اچن ٿا

هن چيو ته بدامني جي اصل جڙ قبائلي تڪرار آهن، قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ به اسان جون ڪوششون جاري آهن، جلد قبائلي تڪرار ختم ڪرائي امن قائم ڪنداسين. ھن ٻڌايو جلد اسان پنھنجي اسيمبلي ۾ ميمبرن سان گڏجاڻي ڪري سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ سنڌ مان قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي جوڙينداسين قبائلي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ قبيلن جي سردارن توڙي چنڱن مڙسن کان مدد جي ضرورت پئي ته به ورتي ويندي

ھن چيو جلد ڪشمور گھوٽڪي شڪارپور ضلعي سميت پوري سنڌ ۾ امن امان بحال ڪرايو ويندو ته جيئن سنڌ جو عوام سک جو ساھه کڻي سگھي  ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سان مڪيش ڪمار چاولا، احسان الرحمان مزاري، ڄام خان شورو، ضياءُ لنجار، مير بابل ڀيو  ۽ ٻيا گڏ ھئا

Read Previous

حافظ نعيم جي پي ايس 129 تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري

Read Next

ايف بي آر هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ هدف کان 30 سيڪڙو واڌو ٽيڪس گڏ ڪري ورتي

Most Popular