شڪارپور پوليس جي موبائيل ۽ ويگو ذريعي هٿيار اسمگل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل

شڪارپور پوليس جي موبائيل ۽ ويگو ذريعي بلوچستان مان سنڌ ۾ هٿيار اسمگل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي تي اي ايس آءِ سميت 7 جوابدارن  خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

گذريل رات جيڪب آباد پوليس بلوچستان مان ايندڙ هڪ ويگو گاڏي ۽ پوليس وين کي روڪي ان مان هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون هيون

هٿيار ۽ گوليون هٿ اچڻ بعد اي ايس آءِ امتياز ڀيو ۽ ٻن اهلڪارن ثناءُ الله مڱڻهار ۽ بقاءُ الله انڙ سميت 7 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، سمورن جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو

ذريعن جو چوڻ آهي ته هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ هڪ صوبائي صلاحڪار جي پٽ کي به گرفتار ڪيو ويو

ذريعن موجب پوليس پاران صوبائي صلاحڪار جي پٽ جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ بدران کيس آزاد ڪيو ويو

پوليس ويگو گاڏي مان جوابدار ذاڪر ڀيو، اختيار لاشاري، نبيل ڀيو ۽ توفيق گجر کي هٿيارن سوڌو گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو

Read Previous

دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، قانون واري وزير جو قومي اسيمبليءَ ۾ پاليسي بيان

Read Next

ارسا چشما لنڪ ڪينال وهائڻ بابت سنڌ جا اعتراض ۽ خدشا ٿڏي ڇڏيا

Most Popular