سپريم ڪورٽ بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي کي بحال ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي کي بحال ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي کي بحال ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جو اسپيڪر جي معطلي وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو

جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، عدالت سمورين ڌرين جي راضپي سان معاملو ٻيهر اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن کي سمورن اميدوارن کي ٻڌڻ بعد 10 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم

جسٽس امين الدين خان رمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪهڙي ضابطي تحت 12 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو؟

اليڪشن ڪميشن مخالف اميدوار اصغر خان اچڪزئي جي درخواست تي  ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏيندي اسپيڪر جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو هو

نوازليگ جي عبدالخالق اچڪزئي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو

Read Previous

حيدرآباد سکر موٽر وي ڪرپشن ڪيس: جوابدارن جي ضمانت وارين درخواستن تي فيصلو محفوظ

Read Next

هٿيار اسمگل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدارجسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

Most Popular