ناسا چنڊ تي جديد ريلوي سسٽم ٺاهڻ جي منصوبي لاءِ فنڊنگ شروع ڪري ڇڏي

واشنگٽن:(سائنس نيوز) آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا چنڊ تي ايڊوانس ريلوي ٺاهڻ ۽ سامان کي مريخ تي منتقل ڪرڻ جي منصوبي لاءِ فنڊنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب واشنگٽن ۾ ناسا جي هيڊڪوارٽر ۾ ايجنسي جي خصوصي نمائندي ۽ ناسا اينوويٽو ايڊوانس ڪانسيپٽس (اين آءِ اي سي) پروگرام جي ايگزيڪٽو جان نيلسن چيو آهي ته ناسا اهڙن منصوبن تي ڪم ڪندو جنهن ۾ سائنس فنڪشن جهڙا تصور آهن.

انهن ٻڌايو ته اصل ۾ انهي ڳالهه جي ڪا گرنٽي ناهي ته اهي جلد ئي عمل ۾ آندا ويندا پر اهو ممڪن آهي ته ڪڏهن مستقبل ۾ اهي حقيقت جو شڪل اختيار ڪري ويندا.

اهڙن منصوبن م چنڊ تي جديد ريلوي جو نظام، مائع تي ٻڌل دوربين ۽ انسان ۽ سامان کي مريخ تائين وٺي ويندڙ ٽرانزٽ شامل آهن، اهي انهن منصوبن مان آهن جن تي ناسا جو اين آءِ اي سي پروگرام جاچ جاري رکڻ فنڊ وصول ڪري رهيو آهي.

نمائندي جو اهو به چوڻ هو ته ٽوٽل ڇهه منصوبا آهن، جن مان هر هڪ اين آءِ اي سي جي ابتداعي مرحلي مان گذري چڪا آهن، هاڻي ٻئين مرحلي ۾اهي منصوبا وڌيڪ جاچ لاءِ اڳين ٻن سالن تائين 6 لک ڊالر جمع ڪندا.

جان نيلسن چيو ته اسان جو اين آءِ اي سي عملو ڪجهه نه ڪجهه حيران ڪندڙ ۽ حوصلا افزائي آئيڊيو متعارف ڪرائيندو رهندو آهي ۽ منصوبو يقيني طور تي ناسا کي مستقبل ۾ سوچڻ تي مجبور ڪندو.

Read Previous

ڀارت 5 آگسٽ جا غير قانوني قدم ختم ڪري سياسي قيدين کي آزاد ڪري: اسحاق ڊار

Read Next

سمورا رانديگر اهم آهن، ڪنهن هڪ رانديگر جي بنياد تي حڪمت عملي تيار نه ڪبي: بابر اعظم

Most Popular