هيرا منڊي ۾ سوناڪشي سنها کي 2 ڪروڙ رپيا معاوضو مليو

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت جي مشهور ڊائريڪٽر سنجي ليلا ڀنسالي او ٽي ٽي تي پنهنجي ڊيبيو فلم هيرا منڊي جي پنهنجي ڪيرئر جي سڀ کان وڏو پراجيڪٽ قرار ڏئي چڪو آهي

هيرا منڊي جي ميگا ڪاسٽ ۾ سونا ڪشي سنها، منيشا ڪوئرالا، اديتي رائو حيدري، ريچا چڍا ۽ سنجيدا شيخ شامل آهن، جڏهن ته فلم جي ڪهاڻي آزادي کان پهريان ڀارت ۾ دربارين جي زندگين ۾ محبت ۽ دوکا دهي جي ڪهاڻي کي پيش ڪندي آهي، فلم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ورهاڳي کان پهريان 1940 جي دور کي عڪس بند ڪيو ويو آهي

رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته وڏي بجيٽ تي ٺهيل فلم هيرا منڊي جي تياري لاءِ 200 ڪروڙ ڀارتي رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته فلم جي ڊائريڪٽر سنجي ليلا ڀنسالي مبينا طور تي سيريز لاءِ لڳ ڀڳ 60 کان 70 ڪروڙ رپيا معاوضو ورتو آهي

 رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته فلم ۾ فريدان جو ڪردار ادا ڪرڻ واري سونا ڪشي سنها 2 ڪروڙ، منيشا ڪوئرالا ۽ رچا چڍا کي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ادا ڪيو ويو.رپورٽ موجب ببو جان جو ڪردار ادا ڪرڻ واري اديتي رائو حيدري هڪ ڪروڙ کان ڏيڍ ڪروڙ جڏهن ته سنجيدا شيخ 40 لک رپين جو معاوضو مليو

Read Previous

سنڌ پنجاب دنگ وٽ ڪچي مان هفتو اڳ اغوا ٿيل پورهيت جي بازيابي لاءِ ڀُنگ طلب

Read Next

بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 5 رپيا يونٽ واڌ جو امڪان: عوام تي 310 ارب رپين جو واڌو بار پوندو

Most Popular