ننگر پارڪر لڳ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي، 2 عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي

ننگر پارڪر: (جمعو: 17 مئي 2024ع) ننگر پارڪر لڳ زميني تڪرار تان ٻنڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڄڻو مارجي ويو.

ننگرپارڪر جي ڳوٺ سوڌراڻ ۾ زميني تڪرار تان ڪولهي برداري جي ٻنڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي سبب 30 ورهين جو عالم ڪولهي فوت ٿي ويو ۽ 2 عورتن سميت 6 مرد ويرمون، مهرو، چمن، نانجي، ميگهي ڪولهي ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا. زخمين ۽ فوتي جو لاش تعلقه اسپتال ننگرپارڪر پهچايو ويو.

زخمي ويرمون، مهرو ڪولهي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي گهرن جي ٻاهريان بيٺل هئاسين ته سامهون واري ڌر اسان مٿانڪهاڙين، سرين ۽ ڪوڏان سان حملو ڪيو.

پوليس موجب زمين جي تقرار تان واقعو پيش آيو آهي، 7 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، سرزمين تي موجود آهيون.

Read Previous

دوداپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل

Read Next

ايران جو صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان ۽ ٻيا هيليڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار

Most Popular