مسلم ليگ(ن) جي اهم اڳواڻ عباس آفريدي پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: (سومر: 24 جون 2024ع) مسلم ليگ(ن) جي اهم اڳواڻ عباس آفريدي پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياست صرف ڪوڙ تي ٻڌل آهي.

(ن) ليگي اڳواڻ عباس آفريدي چيو آهي ته نوازشريف سياست ڇڏي چڪو آهي منهنجي سياست نوازشريف تائين هئي(ن) ليگ ۽ سياست کي ڇڏي رهيو آهيان.

عباس آفريدي چيو ته ڪنهن به پارٽي ۾ شموليت نه پيو ڪريان، سياست ۾ حصو نه وٺندس. ليگي اڳواڻ چيو ته نوازشريف اڳواڻ آهي ۽ پارٽي جو صدر آهي پر هاڻ اهو سياست مان آئوٽ ٿي چڪو آهي ان سان دوستي آهي ۽ رهندي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ سياست صرف ڪوڙ تي ٻڌل آهي جيڪو ڪوڙ ڳالهائيندو، منافقي يا چاپلوسي ڪندو اهو پاڪستان ۾ سياست ڪري سگهي ٿو.

Read Previous

جاويد لطيف ملڪ ۾ ٻيهر چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

بجيٽ سيشن مان غير حاضر نوازشريف عوام مٿان ڳرا ٽيڪس لڳائڻ تي ناخوش

Most Popular