سکر: سيپڪو ۽ حيسڪو جي مدد ڪنداسين، بجلي چوري روڪڻ ۾ سنڌ حڪومت ساٿ ڏيندي: ناصر حسين شاهه

سکر: (سومر: 24 جون 2024ع) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سيپڪو ۽ حيسڪو جي مڪمل مدد ڪنداسين، بجلي جي چوري روڪڻ ۾ سنڌ حڪومت حيسڪو ۽ سيپڪو جو ڀرپورطريقي سان ساٿ ڏيندي.

صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي ادارن طرف واجب الادا رقم جي ادائيگي به ڪئي ويندي. اسان ادارن کي مضبوط ڪنداسين.

صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اسان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جيان وڏيون ڳالهيون نه ڪندا آهيون، اسان ڪم ڪري ڏيکاريندا آهيون صرف ڳالهيون نه ڪندا آهيون.

صوبائي وزير چيو ته  سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ڪم ڪري رهيو آهي اهو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏئي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 20 لک گهرن ۾ بجلي نه آهي پ پ طرفان اسان اتي سولر پينل لڳائي ڏينداسين.

Read Previous

بجيٽ سيشن مان غير حاضر نوازشريف عوام مٿان ڳرا ٽيڪس لڳائڻ تي ناخوش

Read Next

وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular