
نئين دهلي: ڀارت ۾ ڪورونا جو نئون رڪارڊ بڻجي ويو. جتي هڪ ئي ڏينهن دوران 70 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ ڪورونا جي ڪيسن جو انگ 30 لک کان به وڌي ويو آهي. ڀارت آمريڪا ۽ برازيل کان پوءِ 30 لک ڪروونا ڪيسن وارو ٽيون ملڪ بڻجي ويو آهي. رپورٽ موجب ڀارت ۾ ڪورونا سبب هينئر تائين 57 هزار جي ويجهو مريض فوت ٿي چڪا آهن. واضح رهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ 8 لک 8 هزار 987 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن ۽ 2 ڪروڙ 34 لک هڪ هزار 3 متاثر ٿيا آهن.