“ڪراچي ڪميٽي کي سنڌ رد ڪري ٿي“

مير محمد ڪيريو سڪرنڊ

سنڌ صدين کان امن جو گهوارو رهي آهي ، سنڌ ڌرتيء جي صوفين ۽ ساڃاهوندن سدائين سُرت ۽ سيرت جا سبق پڙھايا آهن ، پيار ۽ پريت جا پيغام ڏنا آهن ، الفت ۽ اڪير جي آواز کي اجاگر ڪيو آهي ، لڙي آيلن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ ۽ کين جيءَ ۾ جايون ڏيڻ جا درس ڏنا آهن ، سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌي قوم ڪڏھن به ڪنهن تي ڪاھ نه ڪئي آهي ، پر سنڌ ڌرتيءَ کي ڦرڻ ۽ لٽڻ لاءِ لوڀين ۽ ٺوڳين جي روپ ۾ سدائين حملا ڪيا ويا آهن ۽ هتان جي صوفي منش سٻاجهڙن سانگيئڙن کي غلام بنايو ويو آهي ، پوءِ اهي ترخان ، ارغون ، ابدالي يا انگريز هجن ، پنهنجي غليظ سازشن ، ناپاڪ نيتن ۽ منحوس منصوبن سان ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ جي حڪمراني به ڪندا رهيا آهن ته ظلم سان زيرِ ڪرڻ لاء قيد ۽ بند ۾ واڙي ڦٽڪن ۽ ڦاسين جو به استعمال ڪندا رهيا آهن ، هيءَ به حيران ڪندڙ حقيقت آهي ته انهن سمورين ڪارستانين ۽ ڪڌپڻي ۾ ڌرتيءَ جا نمڪ حرام به انهن ڌارين سان گڏ دلاليء وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن . انهن سمورن حربن ۽ حرفتن باوجود سنڌ جي سورمن ۽ ڌرتيءَ جي ڌياڻين سر اڏي تي سجائي پنهنجي جنم ڀوميءَ جي حفاظت ڪئي آهي .
اڄ به سنڌ تي صدين کان ٿيندڙ ستم جاري ساري آهن ، پاڪستان جي قيام کا وٺي اڄ تائين هر حڪمراني ڪندڙ عوام جي اهنجن کي سمجهڻ بجاءَ ڦرلٽ ڪري ، سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو آهي ، سنڌ جي وسيلن مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ تي پلجندڙ پاڪستان جا حڪمران اربين ڊالر ٻاهرين ملڪن ۾ غير قانوني طريقن سان منتقل ڪري ، جائدادون جوڙي رهيا آهن ۽ امير سنڌ جا ماڻھو مفلسي سبب بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويا آهن ، احساس محروميءَ جي ور چڙهي خودڪشيون ڪري رهيا آهن ، صدين کان امن جا گيت ڳائيندڙ سنڌ سان هن وقت به ڪو چڱو ورتاءُ ڪونه پيو ڪيو وڃي ، سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪيا پيا وڃن ، ڪو رهزن ڪڏھن ڪراچي کي الڳ صوبي بڻائڻ جي ڳالھ ٿو ڪري ، ته ڪو ابن حرامي “ڪراچي ۽ سنڌ“ جا بيان جاري ٿو ڪري . هاڻي وري نئون ڍنڍورو شروع ڪيو اٿن ته ڪراچيءَ ۾ سنڌ حڪومت ترقي توڙي صفائي جي حوالي سان ڪم نه ڪيو آهي ، انڪري ڪراچيءَ جا انتظام وفاق جي حوالي ڪيا ويندا ، اتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا جيڪي ادارا جيئن ريلوي ، واپڊا ، پي آء اي وفاق جي حوالي آهن ، اهي سڀ سڌريل آهن ؟ لاهور سڄو برساتن سبب تباه ٿي ويو آهي ، ڇا اها به سنڌ حڪومت جي نا اهلي آهي ؟ اسان سمجهون ٿا ته اهڙا گهٽيا جواز بڻائي ڪراچي تي وفاق قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ، جيڪو انتهائي احمڪاڻو ۽ جبر تي مبني فيصلو آهي ، سنڌ جو عوام ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري فيصلي کي سنڌ جي هيڪڙائي خلاف سازش سمجهي ٿو ۽ ڪنهن به صورت ۾ ان فيصلي کي يا جوڙيل ڪنهن ڪميٽيءَ کي قبول نه ڪندي سخت مزاحمت ڪرڻ لاء تيار آهي . ٻي پاسي سنڌ حڪومت کي به سوچڻو پوندو ته جيڪڏھن اها پنهنجا اختيار وفاق حوالي ڪري ٿي ته پوءِ ڌرتي ڌڻين سامهون ڪهڙو منهن کڻي ايندي ؟ يا لولي لنگڙي حڪومت جيڪا ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي مشورن سان هلندي ، ڇا اها سنڌ جي مفادن لاءِ ھاڃيڪار نه هوندي ؟ هيءَ ڳاله طئي آهي ته اڄ جيڪڏھن سنڌ حڪومت وفاق جي ڏاڍ اڳيان گوڏا کوڙي ٿي ته اهو ڪراچيء جو سودو تصور ڪيو ويندو . ان سڄي صورتحال ۾ ڪراچي ڪميٽي خلاف سمورين سنڌ سان محبت ڪرڻ وارين سياسي ، سماجي، قومي پارٽين کي متحد ٿيڻو پوندو ۽ پ پ پ کي به عوام آڏو پنهنجو واضح موقف رکڻو پوندو ، پ پ پ جي به اها ٻٽي پاليسي هلڻ نه ڏبي ته هڪ پاسي هوءَ ڪراچي ڪميٽيءَ جو حصو هجي ۽ ٻي پاسي احتجاجي مظاهرا ڪندي وتي ، سو پ پ پ جي اهڙي منطقي ۽ ماڻھن کي دوکي ۾ رکڻ واري سوچ کي عوام سمجهي چڪو آهي . بهرحال سنڌ جو عوام سنڌ جي خلاف ٿيندڙ ھر سازش ، هر ڪميٽيء کي رد ڪري ٿو ۽ سنڌ جي بقا ۽ سلامتيء لاء هر قرباني ڏيڻ لاء تيار آهي .

Read Previous

ڀارت ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران ڪورونا جا رڪارڊ ستر هزار ڪيس رپورٽ

Read Next

اي پيپر22, august 2020

Most Popular