سڪرنڊ ۾ ٽئين ڏينهن به شهرين پاران حيسڪو خلاف ايس يو پي جي ميزباني هيٺ علامتي بک هڙتال جاري

سڪرنڊ ۾ ٽئين ڏينهن به شهرين پاران حيسڪو آپريشن سب ڊويزن آفيس آڏو لوڊشيڊنگ، ڊٽيڪشن بلن ۽ ٻين بي واجبين خلاف ايس يو پي جي ميزباني هيٺ علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي، ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ مجيب ماڇي، فلڪ شير اوڏ، ايم بي ڏاهري، ايس ٽي پي اڳواڻ ايوب کوسو، جي يو آئي اڳواڻ عبدالرشيد پرھياڙ، ارشاد علي ڪلر، مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ امجد علي خانزاده، ڊاڪٽر نعمت آرائين، همدرد اڳواڻ مجيد عباسي، مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ فقير نظام الدين سنجراڻي، ھيومن رائيٽس جي محمود مصطفي مگسي، رفيق احمد خانزادو، جسقم آريسر ڪامريڊ محمد عثمان ٻنڀ، جسم رياض جي محمد خان گدارو، پي ٽي آئي اڳواڻ نثار احمد پرهياڙ، گل محمد ڪيريو، نيشنل پريس ڪلب جي نياز چانڊيو، عزيز لاکو، ايڊوڪيٽ منور لاکو، سوشل ورڪر پاران نياز لاشاري، همت جاني، رفيق چانڊيو، ڏاڏو چانڊيو، غلام شبير سومرو، انسان دوست فورم جي نورالدين ڪيريو ، سڪرنڊ محافظ سنگت جي نعيم انصاري، سماجي اڳواڻ جاويد علي سومرو، ايس يو پي جي قربان علي مگسي، وڏيرو علي بخش ڪيريو، محمد بچل ڏھيو، اڪبر علي مھر، وڏيرو نديم ڪيريو، خالد حسين ملاح، فقير مصطفي ڪيريو، قلندر بخش ملاح، ڪالم نگار قاضي جاويد سنائي، ليکڪ غلام حسين جوڻو، امداد جلالاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سڪرنڊ شهر ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار آھي ڪورونا سبب شهرين جو ڪاروبار تباھ ٿي ويو آهي وري حيسڪو جي لوڊ شيڊنگ سبب غريبن مسڪينن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي هنن مطالبو ڪندي چيو آھي ته هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ اسان جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سڪرنڊ شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪنداسين ۽ نيشنل هائي پڻ بند ڪنداسين۔

Read Previous

ڀٽ شاهه: هالا پوليس جون ڪارروائيون دوران گرفتاريون، منشيات هٿ، ڪيس داخل

Read Next

ڀٽ شاھ ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ 21 محرم الحرام جي ڏھاڙي تي انجمن سپاھ عباس علمدار ماتمي جلوس برآمد. نوحا خواني, عزاداري, سينازني.

Most Popular