ڇا هانيه عامر چپن جي سرجري ڪرائي آهي؟ نيون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي: پاڪستاني اداڪاره هانيه  عامر جون ڪجهه تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن جنهن کي ڏسي ائين لڳي رهيو آهي ته هن چپن جي سرجري ڪرائي آهي. هانيه عامر جو ڳانڍاپو پاڪستان شوبز انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي. هالي ووڊ هجي، بالي ووڊ يا لالي ووڊ گذريل ڪيترن ئي سالن کان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل اداڪارائن ۾ خوبصورتي ۾ واڌ جي لاءِ چهري جي سرجري ڪرائڻ فيشن بڻجي ويو آهي ۽ ان ۾ سڀني کان وڌيڪ عام چپن جي سرجري آهي جنهن کي تقريبن هر ٻئي اداڪاره ڪرايو آهي پر اها به حقيقت آهي ته هي  سرجري هر ڪنهن کي راس نه ايندي آهي.  هانيه عامر جون سوشل ميڊيا تي ڪجهه تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن جن ۾ هن پنهنجي چپن کي نمايان ڪيو آهي ۽ ان جا چپ غير معمولي طور تي وڏا نظر اچي رهيا آهن پر هن چپن جي سرجري ڪرائڻ جي تصديق نه ڪئي آهي.

Read Previous

ميرا جي اسٽيج ڊرامي دوران نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ

Read Next

راحت ڪاظمي بابت بيان تي سخت تنقيد: عفت عمر وضاحتون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون

Most Popular