جنيوا: اسلامي تعاون تنظيم گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڪائونسل کي فلسطين ۽ والاريل ڪشمير سميت دنيا جي ٻين خطن ۾ مسلمانن جي خلاف انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي آواز اٿارڻ جي لاءِ زور ڏنو آهي. ريڊيو پاڪستان موجب جينيوا ۾ جاري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي او آءِ سي جي نمائندگي ڪندي بيان ڏنو. هن چيو ته او آءِ سي کي دنيا ۾ اسلام فوبيا ۽ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي آهي. هن فرانسيسي ميگزين طرفان گستاخانه خاڪن جي اشاعت ۽ مذهبي ڪتابن کي ساڙڻ جهڙن واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ، رد عمل تي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش آهي. اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اهڙين ڪوششن کي جواز فراهم نٿو ڪري سگهجي. او آءِ سي جي بيان ۾ ڀارت جي ڪنٽرول هيٺ جمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي پامالي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. او آءِ سي ڪشمير تي گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر جي رپورٽن ۾ ڏنل تجويزن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. بيان ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل کي ڪشميرين سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ گهرجن.