ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، وڌيڪ ٻه ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر:  والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي جارحيت جو سلسلو نه رڪجي سگهيو آهي جنهن سبب وڌيڪ ٻه ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا.  ڪشمير ميڊيا سروس موجب نوجوانن جي شهادت جو پهريون واقعو سوپور ۾ پيش آيو جتي قابض ڀارتي فوج تجر شريف جي علائقي ۾ نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران عرفان احمد نالي نوجوان کي گرفتار ڪيو ۽ رات دير سان نوجوان جي تشدد ٿيل لاش کي اڇلائي ويا. اهڙي طرح ضلعي باره مولا جي علائقي آڙي ۾ به سرچ آپريشن جي دوران هڪ ٻئي ڪشميري نوجوان کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. شهيد ٿيندڙ نوجوان جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي. جڏهن ته لاش کي وارثن جي حوالي  ڪرڻ کان کان به انڪار ڪيو ويو.  هڪ ئي ڏينهن ۾ هڪ ضلعي ۾ ٻن نوجوانن جي شهادت تي علائقي جي رهواسين سخت احتجاج ڪيو ۽ ڀارت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. قابض ڀارتي فوج مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ رياستي طاقت جو مظاهرو ڪيو. هٿين خالي شهرين مٿان رٻڙ جون گوليون به وسايون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ به ڪئي.

Read Previous

بشارالاسد کي قتل ڪرڻ چاهيو ٿي پر بچاءُ واري وزير روڪي ڇڏيو؛ ٽرمپ جو انڪشاف

Read Next

سيڪيورٽي ڪائونسل ڪشميرين سان ڪيل واعدا پورا ڪري: او آءِ سي

Most Popular