کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار، ڪيترائي زخمي

ميهڙ: ميهڙ ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي سڱاوتي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو, ٻيٽو جتوئي لنڪ روڊ تي کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوۡران فائرنگ ۾ عبدالوحيد کوسو, محرم کوسو ۽ ٻئي ڌر جا طفيل کوسو,علي حيدر کوسو سخت زخمي ٿي پيا, اهڙو اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او ميهڙ شفيع محمد گولو ۽ وڏو منشي بشير احمد لاکير جي اڳواڻي ۾ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جهيڙي تي ضابطو آڻي چئني زخمي ٿيلن کي علاج لاء تعلقي اسپتال ميهڙ آندو ويو جتي کين فوري طبي امداد ڏيئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو, جڏھن ته کوسا برادري جي ٻنهي ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٿيل جهيڙي کانپوء خونريزي ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آھي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

Read Previous

لاڙڪاڻو ۾ کنڀي گم ڪيلن جا وارث سندس بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي

Read Next

گهوٽڪي شهر جي محله بگي واھ ڀرسان گهر جي ڀت ڪرڻ سبب نينگر فوت

Most Popular