گهوٽڪي : گهوٽڪي جو رهواسي مير حسن چاچڙ جو نينگر نعيم الله چاچڙ ڀت هيٺان اچي دٻجي ويو جنهن کي زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال گھوٽڪي ۾ داخل ڪيو ويو ، پر ڊاڪٽرن جي غير حاضري ۽ لا پرواهي ڪري نينگر فوت ٿي ويو ۽ اسپتال عملي پاران ايمبولينس نه ڏني وئي جنهن کانپوءِ لاش مالڪ موٽرسائيڪل تي گهر کڻي ويا ، لاش گهر پهچڻ کانپوءِ لاش کي موٽر سائيڪل تي ڏسي اسپتال انتظاميه کي پٽون پاراتا ڏيندا رهيا.