ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ، پاڪ فوج جا ٻه جوان شهيد

راولپنڊي:    ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول تي فائرنگ سبب پاڪ فوج جا 2 سپاهي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول جي ديوا سيڪٽر تي ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 سپاهي نور حسن ۽ وسيم علي شهيد ٿي ويا.  ان حوالي سان آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته پاڪ فوج ڀارتي اشتعال انگيزي جو جواب ڏيندي ڀارتي پوسٽن کي نشانو بنايو جنهن ۾ ڀارتي پوسٽ تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج 2020 ۾ 2333 ڀيرا ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

Read Previous

شهباز ۽ نوازشريف وچ ۾ ڪنهن به قسم جا اختلاف ناهن، مريم نواز ترديد ڪري ڇڏي

Read Next

برطانوي شهري جي پراڻي ٽي وي سڄي علائقي جو انٽرنيٽ بند ڪري ڇڏيو

Most Popular