سنڌ ۾ سون جي تعداد ۾ روزانو انساني حقن جو خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، حليم عادل شيخ

ڪراچي : پي ٽي آئي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن ڪراچي ۾ پيش ٿيو. سنڌ هيومن رائٽس ڪميش 2019 گهوٽڪي اليڪشن دوران حليم عادل شيخ تي انساني حقوق جي ڀڃڪڙي جي الزام تي نوٽس  جاري ڪيو هو. حليم عادل شيخ ڪميشن آڏو پيش ٿي پنهنجو جواب جمع ڪرايو. حليم عادل شيخ سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي ٻاهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ روزانو سون جي تعداد ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن ڪنهن تي به نوٽيس ناهي ڪڍيو. اها ڪميشن پ پ وارن سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ۾ ٺاهي آهي. 2011 کان ڪم ڪندڙ اداري ۾ هڪ ئي چيئرپرسن مقرر ٿيل آهي جنهن جو ٽيون مدو پورو ٿي رهيو آهي. ڪروڙون جو بجيٽ ڪميشن ۾ رکيو ويو آهي مگر اڄ تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ تي ڪوبه نوٽس وغيره نه ورتو ويو آهي. حليم عادل شيخ چيو گهوٽڪي اليڪشن ۾ پ پ وارن ڌانڌلي ڪري اليڪشن کٽڻ چاهي پئي آئون گهوٽڪي ويس ته مون تي هڪ ئي ڏينهن ۾ پنج نوٽس ڏنا ويا ايف آئي آرز ڪٽيون ويون. مون تي سريو لفظ استعمال ڪرڻ تي نوٽس ڪڍيو ويو. مگر  سنڌ اسمبلي جي معزز اسپيڪر چيو هو ته ووٽ تي پيشاب ڪندو آهيان ان تي ڇو نوٽس نه ڪڍيو ويو؟ڪيترائي ايم پي اي انساني حقن لتاڙ ڪري لفظ ڳالهائيندا ڪڏهن به انهن خلاف هن ڪميشن ڪو نوٽس ناهي ڪڍيو. صرف حليم عادل شيخ جي آواز بند ڪرائڻ لاءِ نوٽس جاري ڪيا ويندا آهن حمله ڪرايا ويندا آهن ليڪن الله جي ڪرم سان هميشه سرخرو ٿيندو اچان. حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ اسپتالن ۾ ايمبولنس نٿي ملي لاشون گڏهه گاڏين تي کنيون ٿيون وڃن اتي انساني حقن جي لتاڙ نٿي اچي. سنڌ حڪومت مسلسل انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهي آهي ٻوڏ سبب هزارين خاندان روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن امداد نٿي ملي، هزارين ماڻهن کي سنڌ حڪومت ايڊز جو مريض بڻائي ڇڏيو، ٿر ۾ هزارين ٻارڙا مري ويا علاج نه ٿيڻ ڪري، لکين ماڻهن کي ڪتن کاڌو اتي سنڌ حڪومت جي لتاڙ ان ڪميشن کي ڇو نظر نٿي اچي. ؟سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن سان زيادتيون ٿي رهيون آهن، جبري پورهيو ڪرايو ٿيو وڃي، هاري کي خانگي جيلن ۾ قيد رکيو ٿو وڃي اتي ڪميش ڪڏهن نه جاڳيو آهي. حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته بلاول تحريڪ هلائي سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ اسان ان سان گڏ آهيون، بلاول تحريڪ هلائي سنڌ جي عوام کي صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن اسان گڏ هونداسين. بلاول کي سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ تحريڪ هلائڻ ياد نه آئي آهي احتساب کان بچڻ لاءِ تحريڪون ياد اچي وينديون آهن. هن اي پي سي ۾ سڀن کي پرچيون ڏنيون ويون هيون ڪهڙي هن اي پي سي ۾ ووٽ کي عزت جي ڳالهه ڪئي ويئي عوام عمران خان کي ووٽ ڏيئي چونڊيو آهي. حليم عادل شيخ جي وڪيل ايڊووڪيٽ شاهد سومرو چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي  ۾واضح طور ڄاڻايو ويو آهي ته ڪنهن به صوبي جو چيف جسٽس به سوموٽو ايڪشن ٿو وٺي سگهي مگر هن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي اسان جي خلاف به ڪورٽ ۾ وينداسين.

Read Previous

برطانوي شهري جي پراڻي ٽي وي سڄي علائقي جو انٽرنيٽ بند ڪري ڇڏيو

Read Next

ترڪي يونان جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۽ نيٽو جي ناڪامي..!!!

Most Popular