پيٽرول سستو ڪرڻ واري اوگرا جي سمري رد، ساڳيا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد:  وفاقي حڪومت آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾  گهٽتائي وارو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت طرفان ايندڙ 15 ڏينهن تاِئين پيٽرول جي اگهن ۾ ڪابه هيٺ مٿانهين نه ڪئي ويندي. گاسليٽ ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ به ڪابه سستائي نه ڪئي وئي. حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 2 روپيه 40 پئسا گهٽتائي ڪئي آهي.  آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا)  پهرين آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جي تجويز ڏني هئي. اوگرا طرفان حڪومت کي موڪليل تجويز ۾ چيو ويو هو ته عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي ان ڪري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 3 کان 4 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي. ياد رهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هيٺ مٿانهين جو فيصلو وزيراعظم جي صلاح مشوري سان ڪيو ويو ۽ ناڻي واري وزارت نون اگهن بابت حتمي اعلان اڄ ڪيو. ياد رهي ته بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين  ماهوار فيول ايڊجسٽٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 58 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي جنهن تي نيپرا اڄ ٻڌڻي ڪندو. گذريل هفتي نيپرا بجلي جا اگهه هڪ روپيه 62 پئسا مهانگا ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.

Read Previous

نوازشريف حڪومت ۽ عوام کي دوکو ڏئي لنڊن هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Read Next

هاڻ واٽس ايپ تي اوهان ٻين جي موبائل مان وڊيوز ۽ تصويرون به ڊليٽ ڪري سگهندو

Most Popular