ورلڊ ڪپ ٻه هزار يارنهن جي سيمي فائنل ۾ مصباح جي سست بيٽنگ سبب شڪست ملي: شاهد آفريدي

لاهور: : شاهد آفريدي ورلڊ ڪپ 2011 جي سيمي فائنل ۾ شڪست جو سبب مصباح جي سست بيٽنگ کي قرار ڏئي ڇڏيو.  هڪ پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري کي انٽرويو ۾ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته مصباح الحق ميچ ۾ سيٽ ٿيڻ جي لاءِ تمام گهٽ وقت ورتو.  ان وقت تيزي سان اسڪور ڪرڻ جي ضرورت هئي. ياد رهي ته هن ميچ ۾ پاڪستان 261 رنسون حاصل ڪرڻ لاءِ 231 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو هو. مصباح الحق  76 بالن تي 56 رنسن جي اننگز کيڏي يونس خان 32 بالن تي صرف 13 رنسون ٺاهيون هيون. جنهن کان پوءِ سماجي رابطن جي ويب سائٽ تي شاهد آفريدي پيغام جاري ڪيو ته انٽرويو ۾ منهنجو بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.  شڪست ٽيم جي بيٽنگ ۾ ناڪامي سبب ٿي آهي. مون سميت بيٽسمين دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيا. هڪ ماڻهو مٿان الزام نٿو هڻي سگهجي.

Read Previous

هاڻ واٽس ايپ تي اوهان ٻين جي موبائل مان وڊيوز ۽ تصويرون به ڊليٽ ڪري سگهندو

Read Next

شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان سانوري رنگ تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏئي ڇڏيو

Most Popular