سعودي حڪومت هڪ عمري جي ادائيگي کان پوءِ چوڏنهن ڏينهن جو وقفو لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

رياض: : سعودي حڪومت هڪ عمري جي ادائيگي کان پوءِ ٻئي عمري جي لاءِ 14 ڏينهن جو وقفو لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.  عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب سعودي حڪومت زائرين کي ڪروونا کان بچائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي جنهن جي تحت زائرين کي 14 ڏينهن ۾ صرف هڪ عمرو ڪرڻ جي اجازت هوندي. عرب ميڊيا موجب زائرين کي هڪ ڀيرو عمرو ڪرڻ کان پوءِ  ٻيون عمرو ڪرڻ جي لاءِ لازمي طور تي 14 ڏينهن جو وقفو وٺڻو پوندو ته جيئن ان دوران ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ ضروري قدمن جي تحت ٻئي ماڻهو کي عمري جي ادائگي جو موقعو ملي سگهي. سعودي  منصوبه بندي جي وزير چيو هو ته زائرين جي صحت کي سامهون رکندي حڪومت اهڙن هنڌن جو جائزو وٺي رهي آهي جنهن کي زائرين عمري جي ادائگي لاءِ استعمال ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته پهرين مرحلي ۾ زائرين 6 مختلف هنڌن ۾ عمرو اد اڪندا ۽ هر زائرين کي ان جي لاءِ 3 ڪلاڪ جو وقت ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته مغرب کان وٺي عشاءَ تائين زائرين کي عمرو ادا ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ان وقتن ۾ صفائي ۽ اسپري ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ ٻيهر عمري جي ادائيگي جي اجازت هوندي.

Read Previous

شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان سانوري رنگ تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏئي ڇڏيو

Read Next

ٽرمپ ۽ جوبائيڊن جا صدارتي بحث دوران هڪ ٻئي مٿان ذاتي حملا

Most Popular