سانگهڙ سانحي ۾ غلط بياني ڪرڻ تي ايس ايڇ او کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

سانگهڙ  (رپورٽ نديم خاصخيلي(سانگهڙ سانحي ۾ غلط بياني ڪرڻ تي ايس ايڇ او سانگهڙ جمن کوسو کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو  گذريل مڪاني اليڪشن دوران سانگهڙ ۾ پ پ جي ريلي تي فائرنگ واقعي جي اي ٽي سي ڪورٽ نواب شاه ۾  اڄ تاريخ هئي سانگهڙ سانحي ۾ چار پ پ ورڪر ۽ اڳواڻ قتل ٿيا هئا ان وقت جي ايس ايڇ او سانگهڙ جمن کوسو کي عدالت طلب ڪيو جنهن تي هن بيان ڏيندي چيو ته ڪيس ۾ شاهد گل محمد ڏيرو اسلام آباد ڪنهن ڪم سانگي ويل آهي جڏهن ته ڪيس جي فريادي عرس ملوکاڻي پنهجي بيان ۾ چيو ته ڪيس جو شاهد گل محمد ڏيرو ڪجھ عرصو اڳ فوت ٿي ويو آهي جنهن تي اي ٽي سي ڪورٽ جي جج غلط بياني ڪرڻ تي ايس ايڇ او سانگهڙ جمن کوسو کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو عدالت جي احاطي ۾ هٿ ڪڙيون هنيون ويون کيس ڪجھ دير کا پو۽ معافي نامون  لکي ڏين تي عدالت آزاد ڪري چڏيو

Read Previous

بوزداروڏا : سپلا ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي فار ٽيئم اسڪول جي ميمبر جي گڏجاڻي ۾ اهم ڳالهيون

Read Next

جيڪب آباد : سومرا برادري اسان جي زمين تي قبضا ڪيو آهي: اڳواڻ

Most Popular