جيڪب آباد : پيارو کوسو واسي سندس گهرواري جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي

جيڪب آباد  (رپورٽ مھتاب احمد دشتي) ڳڙھي حسن ڀرسان ڳوٺ پيارو کوسو جي رھواسين جو معصوم ٻارڙن سميت گهر واري جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري نه ڪرڻ تي احتجاج ايس ايس پي جيڪب آباد کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ، تفصيل موجب ڳڙھي حسن ڀرسان ڳوٺ پيارو کوسو جي رھواسي غازي جمالي جي گهر واري مسمات راڻي جمالي کي ٽي مهينا اڳ هٿيار بندن اغوا ڪيو جنهن واقعي جو ڪيس ٿاڻو آرڊي 52 تي جوابدارن معشوق کوسو ڪاشف کوسو عاشق کوسو صادق کوسو ۽ اسلم کوسو مٿان ڪيس داخل ۽ هنن جوابدارن وٽان پڻ راڻي بازياب به ٿي هئي پوليس جوابدارن کان پئيسا وٺي کين گرفتار نه ٿي ڪري غازي جمالي موجب ٿاڻي جو وڏو منشي غلام ياسين نوناري جوابدارن سان مليل آهي منهنجي گهر واري منهنجي حوالي ڪرڻ بجائي کيس دارلامان موڪليو ويو پوليس ڏھ هزار گهريا هئا نه ڏيڻ تي زال کان به محروم ڪيو ويو ۽ منهنجا ننڍڙا ٻچا آهن جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

جيڪب آباد : سومرا برادري اسان جي زمين تي قبضا ڪيو آهي: اڳواڻ

Read Next

اوٻاوڙو: رانوتي راڄڙي برادري ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ ٻه ڄڻا زخمي

Most Popular