مصباح ۽ اظهر علي اجازت کان سواءِ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي: چيئرمين پي سي بي

لاهور: : پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته مصباح ۽ اظهر علي اجازت کان سواءِ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان تي پي سي بي مختلف معاملن جو جائزو وٺي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي احسان ماني چيو ته 10 سالن کان پوءِ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل رانديگر اچي رهيا آهن. سريلنڪا، ويسٽ انڊيز، بنگلاديشن جي رانديگرن جو اچڻ خوشي جوڳو قدم آهي. زمبابوي جي اچڻ سان ڪرڪيٽ جا نوان دروازا کلندا. پي ايس ايل ۾ ساڍا چار سئو رانديگرن ٻولي ۾ حصو ورتو. 42 انٽرنيشنل رانديگر پي ايس ايل ۾ کيڏيا هئا. هن چيو ته مصباح الحق ۽ اظهر علي پي سي بي جي اجازت کان سواءِ وزيراعظم سان مليو هو، اهو قدم پي سي بي جي قانون جي ڀڃڪڙي آهي پي سي بي هن معاملي کي ڏسي رهيو آهي هن چيو ته اسان ڪنهن کان به بليڪ ميل نه ٿيا آهيون، ماضي ۾ ڪرڪيٽ جا ماهر زور زبردستي عهدا وٺندا هئا پر هاڻ اهو سلسلو نه آهي.

Read Previous

جيڪب آباد؛ ڳڙهي خير ويجهو بجلي ٺاهيندي پول تان ڪري پرائيويٽ لائين مين فوت

Read Next

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ ڪراچي جون ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ دڪان سيل

Most Popular