ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ ڪراچي جون ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ دڪان سيل

ڪراچي:   ملڪ  ۾  ڪورونا هڪ دفعو ٻيهر ڪَر کڻڻ لڳو آهي ۽ 60 سيڪڙو نوان ڪيس ڪراچي ۾ سامهون اچي ويا آهن. جنهن تي ضلعي غربي جي گڏاپ ٽائون، منگهو پير ۽ يوسي 8 ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته ڪورنا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سڄي شهر جون ڪيتريون ئي هوٽلون ۽ دڪانن کي سيل ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي  وبا جي پکيڙ ۽ ڪيسن جي وڌندڙ انگ تي قابو ڪرڻ جي لاءِ شهر جي مختلف ضلعن جي مخصوص علائقن ۾  مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جي  تجويز تي ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ ضلع غربي جي متاثر علائقن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ضلعي غربي مان هڪ ئي يوسي مان 22 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي. ضلعي غربي جي علائقي گڏاپ ٽائون، منگهو پير، يوسي 8 ۾ سمامه ولاز ۽ صائمه سٽي مان ڪورونا جا ڪيس رپورٽ ٿيا. جڏهن ته علائقي جي ٽوٽل آبادي تقريبن 4000 آهي. علائقي ۾ مائڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون جي تحت غير لاڳاپيل ماڻهن  جي داخلا جي بندش آهي. ان کان علاوه علائقي ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ فيس ماسڪ پائڻ لازمي هوندو. علائقي جي سموري ٽرانسپورٽ،  ٻيلهه سواري ۽ هر ڪنهن به قسم جي عوامي  ميڙ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. صرف راشن جا دڪان ۽ ميڊيڪل اسٽور کولڻ جي اجازت هوندي.  علائقي  ۾ سموريون ڪاروباري سرگرميون معطل هونديون ۽ سمورين هوم ڊليوريز تي به پابندي هوندي ۽ گهر مان صرف هڪ شخص کي ضروري  شيون خريد ڪرڻ جي لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت هوندي. هوڏانهن ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کي ڏسندي ڪمشنر ڪراچي جي هدايت تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسستنٽ ڪمشنر ضلعي ڏکڻ، اوڀر ۽ ملير ۾ پوليس جي مدد سان ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪيترين ئي هوٽلن ۽ دڪانن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. ڇاپا هڻڻ واري ڪارروائي دوران هوٽلن ۽ دڪانن ۾ نه ته ماسڪ جي پابندي تي عمل ڪيو پئي ويو ۽ نه ئي سماجي وٿي جو خيال رکيو ويو هو جنهن تي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر هوٽلن کي 3 مهينن جي لاءِ سيل ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته گذريل مهيني سيپٽمبر   ۾ ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جا 4 هزار 667 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ گذريل ڏينهن 365 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن تي سنڌ جي صحت کاتي شهر جي متاثر علائقن ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون(ايم ايس ايل ڊي) لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

Read Previous

توشه خانه ريفرنس: اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري

Read Next

مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو ته ان جو جواب پاڪستاني عوام ڏيندي: مريم اورنگزيب

Most Popular