آسٽريلوي وومين ٽيم مسلسل ايڪيهه ون ڊي فتحن جو ريڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو

برسبين:  آسٽريلوي وومينز ٽيم ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ مسلسل 21 فتحن جو ريڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو آهي. آسٽريلوي وومينز ٽيم نيوزيلينڊ کي ٽئين ميچ ۾ 232 رنز جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ مسلسل 21 فتحن جو ريڪارڊ برابر ڪيو، ان کي آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان رڪي پونٽنگ جي ٽيم قائم ڪيو هو. گذريل ڏينهن فاتح سائيڊ 5 وڪيٽن تي 325 رنز ٺاهيون، راشيل هينز 96 ۽ اليسا هيلي 87 رنز سان نمايان رهي، اميليا ڪير 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ نيوزيلينڊ وومينز ٽيم 93 رنز تي آئوٽ ٿي وئي، مولينيڪس ۽ گارڊنر 2،2 پليئرز کي آئوٽ ڪيو.

Read Previous

ڪمرشل تي پابندي کانپوءِ مهوش حيات جو جواب اچي ويو

Read Next

مورو ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل، غريب عوام پريشان

Most Popular