ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا سڀني کي پوئتي ڪري ڇڏيو

لاهور: ٽڪ ٽاڪ هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جتي عام واهپيدار به پنهنجون صلاحيتون ڏيکاري شهرت حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ايئن ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا به ڪيو آهي. جنت مرزا اها واحد پاڪستاني ٽڪ ٽاڪ اسٽار بڻجي چڪي آهي جنهن جي ٽڪ ٽاڪ تي هڪ ڪروڙ فالوورز آهن.  پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪو به اهڙو ٽڪ ٽاڪ اسٽار ناهي جنهن جي فالوورز جو انگ هڪ ڪروڙ هجي ۽ اعزاز تازو جنت مرزا ئي حاصل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا سندس انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته هڪ ڪروڙ فالوورز هجڻ منهنجي لاءِ تمام وڏي ڳالهه آهي ۽ توهان سڀني جي پيار ۽ محبتن جي وڏي مهرباني.

Read Previous

بگ باس اسٽار ثناء خان اسلام خاطر شوبز جي دنيا کي ڇڏي ڏنو

Read Next

ڪورونا ۾ مبتلا صدر ٽرمپ پاران چونڊ سرگرميون شروع ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular