ڳوٺ عبدالله مزاري تي 3 موبائيل ساڻ ڪري جوابدار جي گرفتار ڪرڻ لاءِ چڙھائي ڪئي

ڪشمور( رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) ڪشمور پوليس ڳوٺ عبدالله مزاري تي 3 موبائيل ساڻ ڪري ڳوٺ عبدالله گلراڻي مزاري ۾ جوابدار رسول بخش مزاري ۽ سلو مزاري کي گرفتار ڪرڻ لاءِ چڙھائي ڪئي پوليس پھچڻ تي جوابدار گھر ۾ موجود نه ھجڻ جي ڪري ڪشمور پوليس جوبدارن جي گھر ۾ داخل ٿي 12 مينھون ڪاھي اچي رھي ھئي ته جوبدارن پوليس کي ڏسي ۽ پوليس جي مٿان ھٿيارن سان حملو ڪري ڏنو پوليس ۽ جوابدارن جي ڇتي فائرنگ جي ڪري پوليس کان 12 مينھون ڇڏائي ۽ پولیس کي واپس ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو جوبدارن پوليس کان مينھون ڇڏائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ان باري ۾ ڪشمور ٿاڻي جي وڏي منشي برڪت ملڪ سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فريادي شاھمور مزاري پڻ چوري جو ڪيس داخل ڪرايو آهي جنھن مٿيان جوابدارن منھنجي گھر ۾ چور رسول بخش مزاري ۽ عمر مزاري گھري چوپايو مال ڪاھي فرار ٿي ويا جنھن تي اسان پوليس نفري ساڻ ڪري ڳوٺ عبدالله مزاري وٽ پھتاسون ته جوبدارن مٿن جديد ھٿيارن سان حملو ڪري ڏنو اسان وٽ نفري گھٽ ھجڻ جي ڪري واپس ٿياسين

Read Previous

سانگهڙ : نواب شاه روڊ تي اسڪولي شاگرد کڻي ايندڙ ٻن چنگچي رڪشه ۾ ٽڪر چار ٻارڙا زخمي ڇهين ڪلاس جي شاگرد ارجن جي ٽنگ ڀڄي پئي

Read Next

حيدر آباد ريجن سنڌ پوليس جي ايڊيشنل جي ڊاڪٽر جميل احمد جي ٽنڊوالهيار آمد جي موقعي تي ايس ايس پي آفيس ۾ انجمن تاجر اتحاد ٽنڊوالهيار جي وفد سان ملاقات ڪئي

Most Popular