اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهو فيصلا ڪري رهيا آهن، عوام جي ڳالهه نه پئي ٻڌي وڃي: بلاول

گلگت:   پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهو فيصلا ڪري رهيا آهن پر عوام جي ڳالهه نه پئي ٻڌي وڃي.  گلگت بلتستان جي علائقي گهانچي ۾ خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهو فيصلا ڪندا آهن پر عوام جي ڳالهه نه پئي ٻڌي وڃي. هن نااهل سليڪٽيڊ حڪومت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کي تباهه ڪيو اسان کي گلگت بلتستان کي بچائڻو آهي. اسان  هن ڪٺ پتلي حڪومت کان جمهوريت کي بچائينداسين. گلگت جي عوام عمران خان جي يو ٽرن ۽ پروپيگنڊه تي يقين  نه ڪري هي اوهان جي نوجوانن کي ائين ئي تباهه ڪندو جيئن نوجوان ڊاڪٽرن جي مستقبل کي تباهه ڪيو. اسان هائبرڊ نظام جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون.  بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ علاج جون بهترين سهولتون ڏئي رهيا آهيون. سنڌ جي هڪ تعلقي ۾ جگر جي علاج جي مفت سهوليت ڏني وئي آهي. پنجاب ۽ ٻين صوبن جي عوام  به هن سهوليت مان فائدو کڻي رهي آهي. سنڌ جيان گلگت بلتستان ۾ به تعليم ۽ صحت جون بهترين سهوليتون ڏينداسين. مان دنيا کي پهريان گلگت بلتستان وڃڻ جو چوندو هئس ان کان پوءِ سنڌ ۾ اچڻ جو چوندو آهيان. پ پ چيئرمين چيو ته  گلگت بلتستان ۾ اسان جي حڪومت ٺهندي. اوهان جي اسيمبلي جيڪا قرارداد پاس ڪندي ان  کي قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائينداسين. اسان جي قيادت عالمي سطح تي پاڪستان کي روزگار ڏياريو. غريب ماڻهن جي مدد لاءِ بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام ڏنو. ان جي ابتڙ موجوده حڪومت پاڪستاني عوام کان روزگار ڦري رهي آهي.

Read Previous

هلندڙ صورتحال دوران نيب کي برداشت نٿو ڪري سگهجي: مولانا فضل الرحمان

Read Next

آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪري ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو: شاهد خاقان عباسي

Most Popular