سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي سنڌ حڪومت جي سرڪاري رهائش جي تڪراري الاٽمينٽ پاليسي ۽ گهرخالي ڪرڻ واري نوٽيس تي 27 ورھين کان رھائشي ملازم سخت ڳڻتي جو شڪار، چيف جسٽس ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان. ڊاڪٽر آغا زبير احمد، امتياز علي جويو، محمد يوسف ڪابورو، ذوالفقار علي شيخ، وسيم نوناري ۽ ٻين سرڪاري ملازمن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان کي 10 آگسٽ تي ايس جي اي ۽ سي ڊي طرفان سرڪاري گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ڪيترن ئي ملازمن کي 27 سال پهريان رهائش ڏني وئي. بي دخلي جا نوٽيس جاري ٿيڻ سبب ملازم ذهني اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. غير قانوني بي دخلي جي نوٽيس سان نه صرف اسان کي مايوسي ۽ بي حد تڪليف پهتي بلڪه تعصب ۽ حق تلفي جو احساس پيدا ڪرڻ آهي، اهڙو فيصلو اسان جي خاندان جي عدم تحفظ ۽ پنهنجي ٻارڙن جي تعليم ۽ اسڪول ۾ مڪمل طورتي مداخلت جو سبب بڻجي رهيو آهي. ملازمن جو چوڻ هو ته سيڪشن آفيسر اسٽيٽ اويس نذير مغل طرفان تڪراري پاليسي تحت جاري ڪيل بي دخلي جا نوٽيس موجوده سنڌ حڪومت جي منشور ۽ پيپلز پارٽي جي بنيادي اصول “ روٽي ڪپڙا ۽ مڪان ” سان ٽڪراءَ ۽ خلاف آهي. ڄاڻايل ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري حلفيه بيان جمع ڪرائي چڪا آهن ته لاڳاپيل الاٽيز کي صوبائي ڪابينا هائي ڪورٽ جي حڪم جي تحت (ون ٽائيم ويور /ملازمت جي رٽائرمنٽ تائين) ڏني وئي آهي. ملازمن اپيل ڪئي ته چيف جسٽس آف پاڪستان، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ حڪومت جي سرڪاري رهائشگاهن جي الاٽمينٽ جي تڪراري ۽ امتيازي پاليسي تي نظرثاني ڪري ان کي حق ۽ انصاف تي مبني بڻايو وڃي ۽ سنڌ حڪومت جي سڀني ملازمن کي هڪ جهڙا موقعا ڏيندي سيڪريٽريٽ ۽ نان سيڪريٽريٽ جو فرق ختم ڪيو وڃي، ھنن وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت کي عدالت سڳوري پاليسي ٺاھڻ لاءِ حڪم ڏنو ۽ اسان کي ون ٽائيم ويور جو موقعو ڏنو ويو آھي، ڪابينا سنڌ حڪومت جي ملازمن جي رھائش واري مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي ڪميٽي جي پاليسي ترتيب ڏيڻ کان اڳ اسان کي گهر خالي ڪرائڻ جو نوٽيس تعصب تي ٻڌل آهي ھنن چيو تہ سپريم ڪورٽ غير قانوني ريٽائرڊ ملازمن کي اٿارڻ جو حڪم ڪيو ويو ھئو پر سيڪشن آفيسر اسٽيٽ سيڪريٽريٽ ۽ نان سيڪريٽريٽ ملازمن جو جواز بڻائي 238 گهرن کي لڏائڻ چاھي ٿو جڏهن تہ زمين سنڌ سرڪار جي آھي ۽ تعميرات به سنڌ سرڪار جي آھي ان ۾ ڪٿي به لکيل نہ آهي تہ ھي زمين ۽ تعميرات سيڪريٽريٽ جي آهي جڏهن تہ اسان جي پگهارن مان ھائوس رينٽ ۽ مينٽيننس جي مد ۾ پيسا به ڪاٽيا ويندا آهن ھنن چيو تھ 4 سال کان اويس نذير مغل سيڪشن آفيسر اسٽيٽ ٿيو ويٺو آهي جيڪو پاڻ غير قانوني آهي اھو پنهنجي مرضيءَ سان قانون جوڙي حڪم ھلائي رھيو آھي ھنن اپيل ڪندي چيو تہ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلي سيد مراد علي شاهه ۽ چيف سيڪريٽري نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

پي ايس ايل فائيو: ڊوپليسي سميت 21 پرڏيهي ڪرڪيٽر پاڪستان اچڻ لاءِ تيار

Read Next

شرميلا فاروقي جون دل ڌوڏيندڙ نيون تصويرون سامهون اچي ويون

Most Popular