قاضي احمد : ڳوٺ ڍوليو کوسو تي پوليس اٽالن جي گھرن تي چڙھائي سخت مارڪٽ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي : قاضي احمد ويجهو ڳوٺ ڍوليو کوسو تي  پوليس اٽالن جي گھرن تي چڙھائي سخت  مارڪٽ بعد ٻن عورتن مسمات ڪريما کوسو ,سڪينا کوسو ,پنج ورهين جي الطاف کوسو ,3 ورهين جي مھتاب کوسو ,سڪندر علي کوسو سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آھي عورتن جي پٿراء سبب هڪ پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيو آھي  ڳوٺاڻي نظير کوسو ميڊيا کي ٻڌايو آھي ته رات 2 بجي پوليس اهلڪارن جيڪي ڇهن موبئلن ۾ سوار هئا ڳوٺ تي چڙھائي ڪري گهرن ۾ ڪاهي پئي  پوليس ۽ بااثر وڏيرن  جي چرچ تي اهڙي ڪاروائي ڪئي آھي , هوڏانهن مليل ڄاڻ موجب زمين جي  مالڪي تان مقامي زميدار چودري جاويد آرائين ۽ کوسا برادري وچ ۾ تڪرار هلندڙ آھي ٻئي ڌريون زمين جي چار ايڪڙ تي مالڪي جي دعوا ڪري رهيا آھن  پوليس ڪيترائي ڀيرا اڳ مذڪوره ڳوٺ تي چڙھائي پڻ ڪئي آھي ۽ گرفتاريون ڪيون آھن

Read Previous

سنڌ جي تعليم کاتي جو سياري جون موڪلون نه ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

موٽروي پوليس طرفان مسافرن ۽ ڊرائيورن ۾ روڊ سيفٽي متعلق اگاھي مھم

Most Popular