سکر(بيورو رپورٽ) کوسا اتحاد پاڪستان سکر جي عهديدارن جو اجلاس، ڊويزنل چيئرمين گل حسن کوسو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ حافظ زبير الدين کوسو، خادم حسين، جاويد احمد کوسو، سليم احمد ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سردار سخي عبدالرزاق کوسو، مرڪزي صدر شفيع محمد کوسو جي ميڊيا ٽرائل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته سندن ميڊيا ٽرائل خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاءِ عدالت جو در کڙڪايو ويندو.