حيدرآباد: ڪورونا جي ٻئي لهر دوران ضلعي حيدرآباد ۾ روزاني ڪيترائي ڪيس ۽ وڌندڙ فوتگين کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميه حيدرآباد ضلعي جي لطيف آباد، قاسم آباد ۽ ٽنڊوڄام جي 12 علائقن ۾ ست ڊسمبر کان اسمارٽ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي.ضلعي انتظاميه موجب ضلعي جي 6 يوسيز جي ٻارنهن علائقن ۾ ست ڊسمبر کان اسمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويندو. ان علائقن ۾ قاسم آباد يوسي 2 جا علائقا، جيجل ماءُ اسپتال روڊ، فريد پلازه ۽ ڀرپاسي جا علائقا شامل آهن. جڏهن ته گل لطيف ڪالوني، متهن هائوسنگ سوسائٽي، سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو.سٽي جي يوسيز 2 جا علائقا هيرآباد، جيل روڊ، ڊاڪٽرز ڪالوني، ڀرڳڙي فليٽس، عامر ٽيرس، سول اسپتال جي ڀرپاسي وارا علائقا لطيف آباد جي يوسي 2، جي يو آر ڪالوني، پٺاڻ ڳوٺ ۽ ٽنڊوڄام ۾ به اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو.واضح رهي ته سنڌ ۾ ڪراچي کان پوءِ ڪورونا 19 جي ڪيسن سبب سڀني کان وڌيڪ حيدرآباد متاثر آهي جتي روزاني ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي.