سجاول (ڊر) سجاول ۾ وڪيل عبدالطيف پاران غيرقانوني شھرن ۾ قبضن خلاف درخواست داخل ڪرائڻ کانپوء ايڊيشنل سيشن ڪورٽ پاران سجاول شھر مان قبضا ھڪ ھفتي اندڙ ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو جنھن کانپوء سجاول ضلعي انتظاميه سجاول شھر ۾ بيٺل غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاء نڪري پيا شھر ۾ بيٺل غيرقانوني گاڏا ختم ڪرائي ڇڏيا آھن.ضلعي انتظاميه چيو ته ڪورٽ جو حڪم آھي ته شھر مان غيرقانوني قبضا ختم ڪيا وڃن.جنھن جي ڪري قبضا ختم ڪرائي رھيا آھيون.