قاضي احمد : پوليس ٿاڻي محراب راهو جي حد ۾ ايڪڙ سروي زمين تي مبينا قبضي کي خالي ڪرائڻ احتجاج

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي : قاضي احمد لڳ پوليس ٿاڻي محراب راهو جي حد ۾ واقع ڪچي جي ديھ ڪوٽ ڌڱاڻو ۾ 16 ايڪڙ سروي زمين تي مبينا قبضي کي خالي ڪرائڻ توڙي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاء چئن گاڏين ۾ سوار پوليس اٽالن جي چڙھائي ڪري زمين تي اڏيل جهوپڙي ۾ رهندڙ عورتن مٿان ڪڙڪي پئي ان دوران پوليس اهلڪارن ۽ عورتن مردن وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون لاٺي چارج ۽ مارڪٽ دوران ڳوٺاڻن موجب موبينا طور 2 ٻار علي مدد جتوئي ۽ ياسين جتوئي لٺيون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا آھن
محراب راهو پوليس تشدد عورتن کي مارڪٽ ڪرڻ واري عمل خلاف ڳوٺاڻن عورتن ۽ مردن علي حيدر جتوئي ,مريم جتوئي ۽ مسمات شبيرا جتوئي سميت ٻين واقعي واري هنڌ پوليس اڳيان احتجاج ڪندي نعري بازي پڻ ڪئي ڳوٺاڻن پوليس مٿان ڌر هجڻ جو مبينا الزام هنيو۽ مبينا الزام هنيو ته پوليس زمين تي اڏيل گهر مٿان چڙھائي ڪري عورتن کي مارڪٽ ڪري وارن مان جهلي گهليو آھي عدالت مان ڪيس جي مالڪي اسان کي ملي آھي
ھوڏانهن محراب راھو پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او اياز حسين ٻڌايو ته زمين قاضي احمد سان تعلق رکندڙ عاشق علي راهو جي نالي تي آھي روينيون کاتي انهن کي زمين ڏني آھي سروي زمين تي قبضي خلاف مالڪي جي دعوا ڪندڙ ڌر پاران جتوئي برادري جي غلام شبير جتوئي سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آھي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء ڪاروائي ڪئي آھي ڪنهن به عورت کي مارڪٽ ناهي ڪئي نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آندي آھي الزام غلط آھن هوڏانهن پوليس جي مارڪٽ ۽ تشدد لاٺي چارج دوران زخمي ٿيل ٻن ٻارڙن کي نواب شاھ اسپتال نيو ويو ٻئي طرف زمين جي مالڪي جي دعوا ڪندڙ زميدار عاشق علي راھو ٻڌايو ته مذڪوره 16 ايڪڙ زمين اسان جي ملڪيت آھي جنهن تي ناجائز قبضو ڪيو ويو آھي پوليس جي مدد ورتي آھي ڪڻڪ جي فصل تي پڻ قبضو ڪيو ويو آھي عدالت مان پڻ ڪيس کٽيو آھي

Read Previous

سجاول ۾ وڪيل عبدالطيف پاران غيرقانوني شھرن ۾ قبضن خلاف درخواست داخل ڪرائڻ کانپوء ايڊيشنل سيشن ڪورٽ پاران سجاول شھر مان قبضا ھڪ ھفتي اندڙ ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو

Read Next

دادو: شھر نئون ڳوٺ ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جي تعميراتي ڪم ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي خلاف نوجوان اتحاد جو احتجاج

Most Popular